جلال چانڊيو فلم

جلال چانڊيو (فلم): بلونا فلمز طرفان پيش ڪيل هي سنڌي فلم سنڌ جي مشهور راڳي جلال چانڊيي جي شخصيت تي ٺهيل آهي، جيڪا جمعي 15 نومبر 1985ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار شاهه اسد، پروڊيوسر مظفر حسين ۽ موسيقار فيروز گل هو. فلم ۾ جلال چانڊيي سميت مشتاق چنگيزي، شهناز ڀٽي، پروين، بوبي، لعل ڪمار، شهزادي، لـطـيـف مـنـي، غـلام رسـول جـتـوئي، مشتاق جسڪاڻي ۽ محمود صديقيءَ اداڪاري ڪئي. هيءَ پهرين سنڌي فلم آهي، جيڪا ڪنهن ناليواري شخصي ڪردار تي ٺاهي ويئي ۽ ان ۾ هيرو جو ڪردار به ان شخص ادا ڪيو. هيءَ فلم ڪافي مشهور ٿي. هن ۾ جلال چانڊيي جا ڪيترائي سدا حيات گيت فلم بند ٿيل آهن. هيءَ فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، پيراڊائز سئنيما سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻي، پلازه سئنيما شهدادڪوٽ، شاهه ٽاڪيز ٽنڊي آدم ۾ ننڍين وڏين سئنيمائن ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هن سلسلي ۾ اڳتي هلي ڪي. ٽي. اين پاران شمن ميراليءَ تي به ٽيلي فلم ٺاهي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو